وفاقي سرڪار وزيراعظم کي ملندڙ تحفن جا تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار وزيراعظم عمران خان کي مختلف ملڪن کان ملندڙ تحفن جا تفصيل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستاني شهري ابرار خالد پاڪستان جي وزيراعظم کي پرڏيهي ملڪن مان ملندڙ تحفن جا تفصيل ڄاڻڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. پاڪستان جي حڪومت طرفان اڄ اسسٽنٽ اٽارني جنرل عتيق الرحمان صديقي عدالت ۾ پيش ٿيو. وفاقي سرڪار عمران خان کي وزيراعظم طور ملندڙ تحفن کي عدالت ۾ ڪلاسيفائيڊ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ڪابينه ڊويزن انفارميشن ڪميشن آف پاڪستان جو حڪم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو. ان حوالي سان ڪابينه ڊويزن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي اڳواڻن وچ ۾ تحفن جي ڏي وٺ بين الرياستي لاڳاپن جي عڪاسي آهي. اهڙن تحفن جا تفصيل جاري ٿيڻ سان غير ضروري خبرون پکڙجنديون. بي بنياد خبرن سان مختلف ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿيڻ سان گڏوگڏ ملڪي وقار به مجروح ٿيندو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان انفارميشن ڪميشن ۽ شهري ابرار خالد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب نوٽيس  جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔