ٽيڪساس: دنيا جو سڀ کان امير شخص ايلون مسڪ، ايڪس اي آءِ نالي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ ) ڪمپني جو مالڪ به آهي. هو اڪثر X (ٽويٽر) تي xAI جي گروڪ 4 چيٽ بوٽس جا فيچرز ڏيکاريندو رهندو آهي. هي ڪمپني ايلون مسڪ اوپن AI جي مقابلي ۾ متعارف ڪرائي هئي ۽ 2023ع ۾ گروڪ چيٽ بوٽ پيش ڪيو ويو. ان سان گڏوگڏ AI جي تربيت لاءِ سپر ڪمپيوٽرز به تيار ڪيا هئا.54 سالن جي ايلون مسڪ جي خيال ۾ AI جي شعبي ۾ سندس ڪمپني کي اوپن AI يا ڪنهن آمريڪي ڪمپني بدران، چيني ڪمپنين کان خطرو آهي ۽ انهن سان سخت مقابلي کي منهن ڏيڻو پوندو. هن هڪ X پوسٽ ۾ چيو: “xAI تمام جلد گوگل سان گڏ هر ڪمپني کي پوئتي ڇڏي اڳتي نڪري ويندي.هنن وڌيڪ ٻڌايو ته چيني ڪمپنيون سخت ترين حريف آهن، ڇوته انهن وٽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي بجلي موجود آهي، ۽ هو هارڊويئر ٺاهڻ ۾ بهترين آهن. گذريل سالن ۾ چين خلائي ٽيڪنالاجي، روبوٽڪس ۽ AI جي شعبن ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. چيني اليڪٽرڪ گاڏين جون ڪمپنيون، ايلون مسڪ جي ڪمپني ٽيسلا کي سخت ٽڪر ڏئي رهيون آهن. ساڳيءَ ريت AI جي شعبي ۾ چيني ڪمپني DeepSeek تمام تيزيءَ سان اڀري سامهون آئي آهي.