ڪرس گيل پاڪستان اچڻ جو اعلان

لاهور: ويسٽ انڊيز جي رانديگر ڪرس گيل پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ ڪرس گيل جي آجيان ڪري ڇڏي آهي.
ويسٽ انڊيز ٽيم جي رانديگر ڪرس گيل پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي حوصلو ڏيندڙ ٽوئٽ سان پاڪستانين جا دل کٽي ورتا. ٽوئٽر پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان وڃي رهيو آهيان مون سان گڏ ڪير پاڪستان اچي رهيو آهي؟ ان جي اها پوسٽ ڏسندي ئي ڏسندي وائرل ٿي وئي.
پاڪستاني ڪرڪيٽ جي شوقينن ڪرس گيل جي پاڪستان سان محبت جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ ڪرس گيل جي ان اعلان تي سندس آجيان ڪندي چيو آهي ته اوهان اسان جا سچا چيمپين آهيو، پاڪستان طرفان ڪروڙين پيار اوهان جي نالي ڪريون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔