ميلبرن ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، چڪرين ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي

سڊني: آسٽريليا جي شهر ميلبرن ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون جي خلاف سوين ماڻهن احتجاج ڪيو، مظاهرين کي اڳيان وڌڻ کان روڪڻ تي پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون به ٿيون آهن جنهن ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ پوليس مرچن واري اسپري جو استعمال ڪيو. پوليس هنگامو ڪندڙ 2 سئو کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار به ڪري ورتو. واضح رهي ته ڪورونا ڪيسز وڌڻ تي ميلبرن ۾ ڇهون ڀيرو لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔