آمريڪي طبي ماهرن نوجوانن کي بوسٽر ڊوز لڳائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

واشنگٽن: آمريڪي طبي ماهرن 16 سال کان وڌيڪ عمر جي هر شخص کي فائزر ڪورونا ويڪسين جي بوسٽر ڊوز لڳائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.
ماهرن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته نوجوانن تي ان جي منفي اثرن جا امڪان آهن. ماهرن چيو آهي ته فائزر جا بوسٽر ڊوز صرف 65 سالن کان وڌيڪ عمر يا انتهائي سيريس ماڻهن کي ڏيڻ گهرجي.
آمريڪي دوائون تيار ڪندڙ ڪمپني فائزر جي سي اي او ايلبرٽ بورلا چيو آهي ته 6 مهينن کان 5 سالن جي عمر جي ٻارن کي فائزر ويڪسين لڳائڻ جي اجازت حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن(ايف ڊي اي) کان اجازت طلب ڪري سگهجي ٿي.
5 کان 11 سالن جي عمر جي ٻارن لاءِ ويڪسين جي اجازت ملڻ تي فائزر ويڪسين ايندڙ مهيني ملي سگهي ٿي. ياد رهي ته آمريڪا ايندڙ هفتي اربع کان ڪورونا وبا بابت عالمي اڳواڻن جي ورچوئل اجلاس جي ميزباني به ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔