پاڪستان کي خطري جا تفصيل نه ٻڌائينداسين، اوچتو حالتون تبديل ٿيڻ سان واپسي جو فيصلو ڪيو: ڊيوڊ وائٽ

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيوڊ وائٽ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي انتظامن تي مطمئن هئاسين، جمعي تي ٿريٽ الرٽ جي خبر پئي، اوچتو حالتون تبديل ٿيڻ تي واپسي جو فيصلو ڪيوسين.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان جو 18 سالن کان پوءِ ٿيندڙ دورو بنا کيڏڻ جي واپس وڃڻ تي سڀ حيران ۽ پريشان به ٿي ويا. نيوزيلينڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيوڊ وائٽ دبئي پهچي بيان ڏنو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي انتظامن تي مطمئن هئاسين، ان جي ڪري ئي ٽيم اماڻيسين. جمعي تي ٿريٽ الرٽ جي خبر پئي. جنهن جا تفصيل شيئر نٿا ڪري سگهون.
هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو پنهنجي هم منصب ۽ ڪرڪيٽ بورڊ اختيارين جي ٽيليفونڪ رابطن جي باوجود حڪومتي اختيارين سان صلاح مشوري کان پوءِ ٽيم واپس وئي. حالتون تبديل ٿيڻ تي مشڪل فيصلن جي باوجود پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي طرفان بهترين انتظامن سبب سندن ٿورائتا آهيو. گذريل ڏينهن نيوزيلينڊ پاڪستان سان سيريز کي هڪ طرفي طور تي ملتوي ڪري واپس رواني ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ قومي ۽ پرڏيهي رانديگرن فيصلي تي مايوسي جو اظهار ڪيو هو جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجه مذڪوره معاملو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪيو هو.
رپورٽ موجب نيوزيلينڊ جي دوري سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي 15 ملين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. قانوني صلاح مشورا ڪرڻ کان پوءِ ڪيس کي سٺي طريقي سان پيش ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔