آمريڪا فائزر جون 3 لک کان مٿي خوراڪون سنڌ حوالي ڪري ڇڏيون

ڪراچي: آمريڪا طرفان سنڌ لاءِ فائزر ويڪسين جون وڌيڪ 3 لک 20 هزار کان مٿي خوراڪون عطئي طور ڏنيون ويون آهن.
آمريڪي سفارتخاني طرفان هڪ پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ کي 3 لک 20 هزار کان مٿي فائزر جون خوراڪون عطئي طور ڏنيون آهن.
سفارتخاني چيو ته فائزر جا اهي ڊوز آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو سنڌ جي صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو جي حوالي ڪيون آهن.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته صحت واري وزير عذرا پيچهو فائزر ويڪسين جي 3 لک 20هزار 5 سئو 80 خوراڪن جو عطيو وصول ڪيو.
اهي خوراڪون انهن 66 لک فائزر ويڪسين جو حصو آهن جيڪي پاڪستان کي آمريڪا طرفان ڏنيون ويون آهن.
آمريڪي سفارتخاني جي اختيارين چيو آهي ته اها ڪووڊ ويڪسين جي چوٿين قسط هئي.
وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪا طرفان پاڪستان کي ملندڙ ويڪسين جا ڪُل انگ اکر هڪ ڪروڙ 6 لک ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔