عوام لاءِ هڪ ٻيو عذاب، ايس ايس جي سي بُري خبر ڏئي ڇڏي

ڪراچي : ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي واسين لاءِ بُري خبر سامهون اچي وئي، ڇو ته ايندڙ ڏينهن ۾ اهي گئس لوڊشيڊنگ کي منهن ڏئي سگهن ٿا.
سوئي سدرن اينگرو ايل اين جي ٽرمينل تي ايف ايس آر يو جي تبديلي سبب گئس لوڊشيڊنگ پلان جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ايس ايس جي سي موجب چئن ڏينهن لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي سي اين جي اسٽيشنز کي گئس جي فراهمي بند ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ کي به گئس جي سپلاءِ گهٽ ڪئي ويندي، ڪي اليڪٽرڪ کي هن وقت 170 ايم ايم سي ايف ڊي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي.
بيان موجب ايندڙ 4 ڏينهن تائين 150 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڏني ويندي، رڳو 20 ايم ايم سي ايف ڊي گئس گهٽ ڪئي ويندي، گئس جي کوٽ پوري ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي ته غير برآمدي صنعتن کي به گئس جي فراهمي بند ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔