پاڪستاني ٽڪ ٽاڪرز لاءِ بُري خبر

اسلام آباد : پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) چيو آهي ته هيل تائين 11 لک کان وڌيڪ شڪايتون وصول ٿيون آهن ۽ پي ٽي اي 10 لک 46 هزار کان وڌيڪ لنڪس ۽ ويب سائيٽس کي بلاڪ ڪيو.
اختيارين موجب پي ٽي اي سڀني سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي اهڙي مواد خلاف ايڪشن ورتو، هڪ لک 75 هزار چوري ٿيل آءِ ايم اي آءِ وارا موبائل سيٽ بلاڪ ڪيا ويا، جڏهن ته نئين موبائل تصديقي سسٽم اڍائي ڪروڙ غير قانوني موبائل ڊوائسز کي بلاڪ ڪيو ۽ 50 لک کان وڌيڪ ڊپليڪيٽ آءِ ايم اي آءِ واريون موبائلون بلاڪ ڪيون.
هوڏانهن پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي چيئرمين عامر عظيم باجوا مطالبو ڪيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ تي گهڙي گهڙي غير معياري ويڊيوز اپ لوڊ ڪندڙن کي پڪڙيو وڃي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عامر عظيم باجوا چيو ته سوشل ميڊيا هلائيدڙن لاءِ ڪو به انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ ناهي، سوشل ميڊيا کي معاشري موجب ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي.
هن چيو ته جعلي سِمون نڪرڻ بند ناهن ٿيون پر ڪارروائي جاري آهي، جعلي سمز جي روڪٿام لاءِ ڪيترين ئي ڪمپنين تي ڏنڊ به هنيا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته ٽڪ ٽاڪ تي غير معياري ويڊيوز هونديون آهن، 4 ڀيرا بلاڪ ٿي چڪو آهي، ٽڪ ٽاڪ ڪنهن جي ويڊيو کي اپ لوڊ ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهي، گهڙي گهڙي غير معياري ويڊيو اپ لوڊ ڪندڙن کي پڪڙيو وڃي.
پي ٽي اي چيئرمين چيو ته ٽڪ ٽاڪ اسان جي اسٽينڊرڊ موجب تسلي جوڳا قدم کڻي، اسان کي ڪڏهن به خوشي ناهي ٿيندي ته ڪنهن ايپليڪيشن تي پابندي هڻون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔