ڪو وقت هو، دپيڪا جيئڻ کان به بيزار هئي

ممبئي : باليووڊ جي ناليواري اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ڊپريشن دوران ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ ناڪاري خيالن تان پردو کڻي ڇڏيو.
اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ڀارتي جي ناليواري ڪوئيز شو ”ڪون بني گا ڪروڙ پَتي“ ۾ شريڪ ٿي ۽ ميزبان اميتاڀ بچن سان ڊپريشن بابت گفتگو ڪندي مختلف انڪشاف ڪيا آهن.
اداڪارا ٻڌايو ته مون ۾ 2014 ۾ ڊپريشن جي جاچ ٿي هئي، مان گهڻو پريشان هيس ڇو ته ماڻهو ان باري ۾ ڳالهائيندا به نه هئا، اهو هڪ خراب داغ هو جنهن بابت ماڻهن کي گهڻي خبر نه هئي، ان دوران مونکي محسوس ٿيو ته مون وانگر ائين ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي اهڙي ذهني ڪيفيت سان منهن ڏئي رهيا آهن.
دپيڪا ٻڌايو ته ”اوچتو اوچتو مان عجيب جذبا محسوس ڪندي هيس، اڪيلائپ جو احساس ٿيڻ لڳندو هو“ مون کي ڪنهن سان ملڻ، ٻاهر وڃڻ يا ڪو به ڪم ڪرڻ نه وڻندو هو، مونکي لڳندو هو ته منهنجي جيئڻ جو ڪو مقصد ئي ناهي، ان وقت مان جيئڻ نه چاهيندي هيس.
هن ٻڌايو ته منهنجا والدين هڪ ڀيري مون سان ملڻ ممبئي آيا ۽ جڏهن اهي ايئرپورٽ جي لاءِ روانا ٿيڻ لڳا ته مان اوچتو روئڻ شروع ڪيو جنهن تي منهنجي والدين کي محسوس ٿيو ته مون سان ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي، ڇو ته ان وقت منهنجو روئڻ عام روئڻ وانگر نه هو، والد مونکي نفسيات جي ماهر سان ملڻ جو مشورو ڏنو ۽ مان ائين ئي ڪيو، جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي مهينن کانپوءِ مان صحيتاب ٿي ويس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔