عمر شريف سڃاڻپ ڪرڻ کان قاصر، دعائن جي اپيل

لاهور: ناليوارو ڪاميڊين ۽ اداڪار عمر شريف جي پُٽ جواد عمر والد جي ڳڻتي جوڳي حالت بابت مداحن کي آگاهي ڏيندي قوم کان دعائن جي اپيل ڪئي آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ جواد عمر جو چوڻ هو ته والد صاحب عمر شريف جي حالت بدستور خراب آهي، والد جو علاج هلندڙ آهي پر انجي طبيعت ۾ بهتري نٿي اچي.
عمر شريف جي پُٽ جواد عمر چيو آهي ته ڊاڪٽرن موجب دل وارو مرض گهڻو بگڙي ويو آهي، آمريڪا نه موڪليو ويو ته اوپن هارٽ سرجري ڪرڻي پوندي.
جواد عمر وڌيڪ ٻڌايو ته والد صاحب ڪجهه منٽن لاءِ هوش ۾ اچي ٿو پر ڪنهن کي به نٿو سڃاڻي، قوم کان والد صاحب جي صحتيابي لاءِ دعا جي اپيل ڪيان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔