ميٿيو هيڊن ۽ ورنون فلينڊر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جا ڪوچ مقرر

لاهور: نئين چونڊيل پي سي بي چيئرمين رميز راجا ميٿيو هيڊن ۽ ورنون فلينڊر کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جو ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.لاهور ۾ پي سي بي چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پنهنجي پهرين ڪانفرنس ۾ رميز راجا چيو ته مصباح الحق ۽ وقار يونس محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪيو انهن جي استتعيفيٰ ڏيڻ ۾ منهنجو ڪوبه ڪردار نه هو. هن چيو ته اسان کي ڊنل پاڪستاني ٽيم کي دلير ڪرڻو آهي.ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ بهترين ٽيم چونڊ ڪئي وئي آهي. ميگا ايونٽ ۾ ميٿيو هيڊن ۽ ورنون فلينڊر پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪوچ هوندا. اميد آهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ اهي ٻئي ڪوچ ٽيم کي جارحانه حڪمت عملي اپنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔