زيتون جي استعمال بابت نئين تحقيق

زيتون ڪاري رنگ وارو ننڍو هجي يا سائي رنگ وارو وڏو ٻنهي جا ڪيترائي فائدا آهن.
مختلف کاڌن ۾ زيتون جو استعمال ڪري سگهجي ٿو جنهن سان نه رڳو کاڌن ۾ ذائقي جي واڌ ٿيندي آهي پر ان جا صحت تي به سُٺا اثر پوندا آهن.
صحت جي ماهرن چيو آهي ته ڪاري زيتون ۾ وٽامن اَي جو وڏو مقدار موجود هوندو آهي، وٽامن اَي اکين جي لاءِ تمام گهڻي فائديمند آهي، جنهن سان نظر جي گهٽجڻ يا بينائي جا مسئلا به گهڻي حد تائين حل ٿي ويندا آهن.
ڪاري زيتون جا روز ڪجهه داڻا کائڻ سان نه رڳو وار چمڪدار ٿيندا آهن پر چمڙي تي موجود داغ ۽ ڪارا نشان به ختم ٿي ويندا آهن.
زيتون جسماني ورم ۾ گهٽتائي لاءِ سُور کان ڇوٽڪاري واري دوان وانگر ئي ڪم ڪندو آهي.
هڪ طبي رسرچ موجب کاڌي جا ڪجهه چمچا زيتون جو تيل ڪنهن به سُور کان ڇوٽڪاري واري دوا جيترو اثر رکندو آهي ۽ اهو قدرتي علاج آهي جنهن جو ڪو به نقصان ناهي.
ڪارو زيتون سُور جي خاتمي لاءِ ايترو ئي فائديمند آهي جيترو هڪ پين ڪِلر ٽِڪي اثر رکندي آهي.
زيتون ڪوليسٽرول ۽ گلوڪوز جي ليول کي بهتر طريقي سان گهٽائيندو آهي، انجي ڪري انکي ذيابطيس خلاف فائديمند مڃيو ويندو آهي، رت جي شريانن جي مسئلن کان به بچي سگهجي ٿو.
صحت جي ماهرن ان حوالي سان چيو آهي ته ڪاري زيتونن جو استعمال پابندي سان ڪرڻ گهرجي، ڪيترا ئي فائدا حاصل ڪرڻ ۽ وزن ۾ گهٽتائي جي لاءِ پنج داڻن کان وڌيڪ نه کائجن.
زيتون جو تيل ننهن ۽ وارن جي واڌ، انهن کي نرم ۽ صحتمند رکڻ ۾ به مدد ڪندو آهي.
جگر جسم جو هڪ اهم جزو آهي جيڪو انساني جسم ۾ ضروري عمل جو ذميوار هوندو آهي، جگر جسم جي اندرين سسٽم کي صاف ڪندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اسان کي جگر کي به صاف ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي جيڪا زيتون جي تيل جي مدد سان ئي ڪري سگهجي ٿي.
سُٺي نتيجن لاءِ زيتون جي تيل جا 2 چمچا 1/3 حصا ليمي جر رس وجهو ۽ ان کي ملائي پي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔