واٽس ايپ انتظاميا کي واهپيدارن جي پرواهه، اهم اپ ڊيٽ

واٽس ايپ انتظاميا واهپيدارن جي سهولت لاءِ ان کي وڌيڪ اپ ڊيٽ ڪيو آهي.
انتظاميا واهپيدارن جي پرواهه ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر سيڪيورٽي سسٽم ۾ واڌ ڪندي ترميم ڪئي آهي.
رپورٽ موجب واٽس ايپ انتظاميا طرفان سيڪيورٽي اپ ڊيٽس جي صورت ۾ واهپيدارن جي چيٽ، تصويرن، ويڊيوز ۽ ڪالز کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان چيٽ ۽ ڊيٽا کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي جو نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن تحت اهي هاڻي گوگل ڊرائيو ۽ آئي ڪلائوڊ تي بي فڪر ٿي چيٽ محفوظ ڪري سگهن ٿا.
واٽس ايپ موجب ان فيچر جي تياري دوران وڏي تڪليفن سان منهن ڏيڻو پيو پر ماهرن گهڻي جدوجهد کانپوءِ آخرڪار ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.
ياد ڏياريندا هلون ته واٽس ايپ جا دنيا ۾ 2 ارب کان مٿي واهپيدار آهن جن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪمپني طرفان آئي ڏينهن نوان فيچر ۽ سهولتون متعارف ڪرايون وينديون آهن.
انهن تبديلين کانپوءِ ڪمپني جو ملازم به ڪنهن صارف جي چيٽ وغيره نٿو ڏسي يا پڙهي سگهي، ڪيل چيٽ رڳو ٻن ماڻهن جي وچ ۾ رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔