18 ورهين جي برطانوي ٽينس اسٽار نئين تاريخ لکي ڇڏي

لنڊن: برطانيا جي ايما ريڊوڪينو رڳو 18 ورهين جي عمر ۾ يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ڪيترائي رڪارڊ جوڙي ورتا.
اينا اهڙي پهرين رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي، جنهن پهريون ڀيرو ڪنهن وڏي ٽينس ٽورنامينٽ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو ۽ ان جو فائنل به کٽي ورتو.
عالمي رينڪنگ ۾ 150هين نمبر تي موجود ريڊوڪينو فائنل ۾ پاڻ کان رڳو ٻه مهينا وڏي ڪينيڊين رانديگرياڻي لائله فرنانڊس کي 4-6 ۽ 3-6 تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.
حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ايما ريڊوڪينو ان سڄي ٽورنامينٽ جي ڪنهن به ميچ ۾ هڪ سيٽ به نه هارايو ۽ هوءَ 44 سالن ۾ يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽيندڙ پهرين برطانوي رانديگرياڻي آهي.
هوڏانهن ڪينيڊين ٽين ايجر لائله فرنانڊس جو فائنل ۾ پهچڻ به هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔