ايران جوهري ماڳن تي لڳل ڪيميرائن جي مرمت جي اجازت ڏئي ڇڏي

تهران :ايران عالمي جوهري توانائي ايجنسي کي پنهنجي جوهري ماڳن تي لڳل مانيٽرنگ ڪيميرائن جي مرمت جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ايراني جوهري توانائي جي سربراهه محمد اسلامي موجب گڏيل قومن عالمي جوهري توانائي ايجنسي جي سربراهه رفائيل گورسي سان ملاقات کانپوءِ انٽرنگ ڪيميرائن جي مرمت ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو.
عالمي جوهري توانائي ايجنسي جي ٽيڪنيڪل ٽيم ايران اچي ڪيميرائن جا ميموري ڪارڊز مٽائڻ ۽ ٻئي مرمت جو ڪم ڪندي.
عالمي جوهري توانائي جي سربراهه اڄ تهران ۾ ايراني جوهري توانائي اداري جي سربراهه سان ملاقات ڪئي آهي.
رفائيل گروسي جي ايران جي دوري جو مقصد ايران ۽ اولهه ملڪن وچ ۾ ايران جوهري معاهدي تي ڳاههٻولهه لاءِ رستو سِڌو ڪرڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔