پاڪستان ۾ ٻارن ۾ ارڙي وبا ٻيهر ڦهلجڻ جا خطرا

مشهور طبي ميگزين نيچر ميڊيسن پاڪستان ۾ وڏي بيماري ڦهلجڻ جا خطرا ظاهر ڪيا آهن.
طبي ميگزين نيچر ميڊيسن ۾ ڇپيل رپورٽ موجب پاڪستان 2021 ۾ ارڙي خلاف ويڪسي نيشن نه ڪرائڻ واري فهرست جي پنج ملڪن ۾ شامل آهي.
پاڪستان ۾ گذريل سال 40 ملين ٻارن کي ارڙي جي ويڪسي نيشن نه لڳائي وئي جڏهن ته سڄي دنيا ۾ گذريل سال 120 ملين ٻارن ۾ ارڙي جي ويڪسين نه لڳائي وئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال جنوري کان هن وقت تائين ارڙي جا 8 هزار کان مٿي ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 47 فوتگيون ٿيون. ارڙي جا 65 سيڪڙو ڪيس 5 سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن ۾ رپورٽ ٿيا جن مان 78 سيڪڙو جي ويڪسي نيشن نه ٿي سگهي هئي.
محققن چيو آهي ته صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي، طبي خدمتون نه هجڻ، عذا جي کوٽ، ويڪسين لڳائڻ کان لنوائڻ، عوامي ڪوتاهي ۽ هاڻي ڪورونا پاڪستان ۾ ارڙي جي ڦهلجڻ ۽ موت جي شرح ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
ماهرن موجب ارڙي تي ضابطو ڪرڻ لاءِ ويڪسي نيشن جاري رکڻ تمام ضروري آهي، ارڙي تي ويڪسي نيشن جي ذريعي جلدي ضابطو نه ڪيو ويو ته پاڪستان جي هيلٿ ڪيئر سسٽم جي لاءِ تباهي جو سبب بڻجي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔