افغان عورتن جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي، آءِ سي سي ردعمل ڏئي ڇڏيو

دبئي : طالبان طرفان عورتن جي ڪرڪيٽ تي پابندي جي فيصلي تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جو رعمل اچي ويو.
واضح رهي ته طالبان جي ثقافتي ڪميشن جي نائب سربراهه احمدالله واثق چيو آهي ته عورتن کي ڪرڪيٽ سميت ڪنهن به اهڙي راند جي اجازت نه ڏينداسين، جنهن ۾ انهن جو جسم ۽ چهرو ڍڪيل نه هجي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي طالبان اڳواڻ چيو ته عورتن جو راندين ۾ حصو وٺڻ نه مناسب آهي ۽ نه ضروري آهي، مخالفن جي ردعمل سبب اسلامي قدرن کي پامال نه ڪنداسين.
آءِ سي سي جي گورننگ باڊي چيو آهي ته افغانستان ۾ ثقافتي ۽ مذهبي چئلينجن باوجود اسان ڊگهن بنيادن تي عورتن جي ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪرڪيٽ ڪائونسل افغانستان ۾ مٽجندڙ صورتحال کي نظر رکي پئي ۽ عالمي ڪرڪيٽ باڊي کي افغانستان ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي بابت خبرن تي ڳڻتي آهي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ان معاملي کي گورننگ باڊي جي ايندڙ اجلاس ۾ به اٿاريندي، جنهن ۾ سڀني رُخن جو جائزو ورتو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔