انگورن جو استعمال ڪينسر کان بچائي ٿو

انگور هڪ تمام وڻندڙ ۽ موسمي فروٽ آهي، انگورن جي فائدن جي ڳالهه ڪجي ته حضور صلعم جن جو انگورن جي حوالي سان فرمان آهي ته انگور کائڻ سان دل جا ڏک ۽ سور گهٽبا آهن، ان سان گڏ انگور کائڻ سان جسماني زخمن جي سور ۾ به فائدو ٿيندو آهي.
انگورن ۾ قدرتي طور اهڙا ڪيميڪل موجود آهن جيڪو چمڙي کي سڙڻ کان بچائيندو آهي ۽ چمڙي جي ڪينسر کان به محفوظ بڻائيندو آهي.
هڪ سروري کانپوءِ اها خبر پئي آهي ته انگورن جو استعمال چمڙي جي ڪينسر کي روڪيندو آهي جنهن جا تفصيل جرنل آف آمريڪن ڊرماٽالاجي ۾ ڇپيا آهن.
ان ڏس ۾ انسانن ۾ ڏٺو ويو آهي ته جيڪڏهن انگورن جو مناسب مقدار ڪيو وڃي ته اس ۾ موجود ”الٽرا وائلٽ“ شعاعن کان سڙڻ جو عمل گهٽ ٿي ويندو آهي.
نه رڳو ايترو پر ان جي نقصانن کان به بچائي سگهجي ٿو، واضح رهي ته انگورن ۾ قيمتي قدرتي مرڪت پولي فينولز ان جو سبب آهن.
يونيورسٽي آف الباما جي ماهر ڪريگ ايلمٽس 14 ڏينهن تائين اڍائي ڪوپ انگورن جو پائوڊر مختلف رضاڪارن کي کارايو، اهي ماڻهو اُس ۾ ڪم ڪرڻ جا عادي هئا ۽ ان دوران انهن جي چهري تي الٽرا وائلٽ شعاعن جو جائزو ورتو ويندو رهيو.
اهڙي ريت چمڙي جي ان شعاعن خلاف مزاحمت کي به نوٽ ڪيو ويو، چمڙي جي طبي اصطلاح ۾ چمڙي جي ڳاڙهي ٿيڻ کي ظاهر ڪندو آهي.
مطالعو ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻه هفتا پوءِ سڀني ماڻهن جي چمڙي جي بايوپسي ڪئي وئي ۽ ان تي غور ڪيو ويو ته خبر پئي ته جن ماڻهن انگورن جو سفوف استعمال ڪيو هو اهي ٻين جي مقابلن ۾ ڊي اين اي جي سطح انهن ۾ سڙڻ ۽ ڊي اين اي جي ٽوڙ ڦوڙ تمام گهٽ ڏٺي وئي.
اهڙي ريت حيرت انگيز طور تي چمڙا جي سيل مرڻ جي شرح گهٽ هئي ۽ سڙڻ جي ڪري ٺهندڙ مايومارڪر به نه وڌي سگهيا.
ان جي ڪري چئي سگهجي ٿو ته انگور نهايت ئي بنيادي سطح تي چمڙي کي اُس جي نقصانن کان بچائن ٿا ۽ اهو هڪ جادوئي اثر آهي.
ان سان گڏ اهو به چيو ويو آهي ته انگورن جو استعمال چمڙي جي ڪينسر کي روڪڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو ڇو ته چمڙي تي اُس پوڻ سان جيڪي نقصان ٿيندا آهن انهن سان ڪينسر جو بنياد ٿيندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔