اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ ٻيو وڏو اسڪينڊل سامهون اچي ويو

ڪراچي : ملڪ ۾ دل جي مرضن جي سڀ کان وڏي اداري اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ هڪ ٻيو اسڪينڊل سامهون اچي ويو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي جي ميڊيڪل سپرنٽينڊٽ عذرا مقصود جي مقرري جي معاملي تي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
ايم ايس عذرا مقصود جي سڌي ريت 19هين گريڊ ۾ مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي
درخواست گذار ڊاڪٽر طارق شيخ جي وڪيل فيضان محمد ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته عذرا مقصود جي مقرري 2015 ۾ چيف آپريٽنگ آفيسر جي حيثيت سان ٿي ۽ 8 مهينن ۾ کيس 20هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي.
هن چيو ته عذرا مقصود وٽ نه ميڊيڪل جي ڊگري آهي ۽ نه لاڳاپيل عهدو رکڻ جو ڪو تجربو، مقرري لاءِ نه اخبارن ۾ اشتهار ڏنو ويو، نه وري ڪنهن ڪميٽي سفارش ڪئي.
درخواستگذار جو چوڻ هو ته هوءَ پگهارن ۽ ٻين مراعتن جي صورت ۾ ساليانو 2 ڪروڙ رپين جي وڏي رقم خرچ ڪري رهي آهي، گذريل 5 سالن ۾ 10 ڪروڙ رپيا وٺي چڪي آهي.
درخواست ۾ عدالت اپيل ڪئي وئي ته ايم ايس اين آءِ سي وي ڊي عذرا مقصود کي عهدي تان هٽائي جاچ جو حڪم ڏنو وڃي.
ان موقعي تي عدالت صحت سيڪريٽري، اين آءِ سي وي ڊي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 20 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔