ڪراچي ۾ گھر جي ڀت ڪري پئي، ماءُ ۽ 3 ٻار دٻجي فوت

ڪراچي :ڪراچي جي قصبه ايم پي آر ڪالوني ۾ برسات جو پاڻي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي نتيجي ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ 3 ٻار دٻجي فوت ٿي ويا.

ايس ايس پي ويسٽ سهائي عزيز جو چوڻ آهي ته واقعو برساتي پاڻي جمع ٿيڻ جي ڪري حادثي طور تي قصبه ڪالوني جي آبادي ايم پي آر ڪالوني جي گهٽي نمبر 15 ۾ پيش آيو.

ايس ايس پي سهائي عزيز جو چوڻ آهي ته گذريل رات پيل برسات جو پاڻي آبادي ۾ جمع ٿي ويو ۽ مبينا طور تي پاڻي هن گهر ۾ داخل ٿي ويو جنهن تي گهر جو مالڪ رسول سعيد ۽ ٻيا باهر نڪري ويا پر عورت نصيب هوا ۽ هن جا ٻار ڪمري ۾ سمهيل رهيا جنهن دوران گهر ڊهي پٽ ٿي ويو.

پوليس موجب واقعي جي اطلاع تي پوليس، رينجرز ۽ ريسڪيو عملدار واقعي واري هنڌ پهچي ، فوتين جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا، فوتين ۾ مسمات خاوا زال رسول  سعيد، 10ورهين جو نصيب، 4ورهين  جو بشير ۽ 7ورهين جي مينا شامل آھن.

ٻئي پاسي گذريل رات پيل برسات جا موسميات کاتي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، موسميات کاتي موجب سڀ کان وڌيڪ برسات سرجاني ٽائون ۾ 58ملي ميٽر رڪارڊڪئي وئي آھي.

موسميات کاتي جو چوڻ آھي ته اورنگي ٽائون ۾ 37، ناظم آباد ۾ 32. مسرور بيس17 ۽ ڪياماڙي ۾ 15ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، ڪراچي شهر ۾ اڄ گجگوڙ سان  برسات پوڻ جو امڪان آھي، منجهند جو شهر ۾ ٿنڊر سيلز ٺهڻ جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو، جنهن ڪري11سيپٽمبر تائين برسات جو امڪان آهي.

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔