ڀارت انگلينڊ کي چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

اوول: ڀارت انگلينڊ کي چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ 157 رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 1-2 جي برتري حاصل ڪري ورتي. اوول ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو، ڀارت پهرين اننگ ۾ 191 رنز اسڪور ڪيو.جواب ۾ ميزبان ٽيم 290 رنز ٺاهي 90 رنز جي برتري حاصل ڪئي. ڀارت ٻي اننگز ۾ انگلش بالرن جي هڪ نه هلڻ ڏني ۽ 99 رنز جي خساري باوجود ڀارتي بيٽسمينن 466 رنز جو پهاڙو بيهاري ڇڏيو ۽ ميزبان ٽيم کي 368 رنز جو هدف ڏنو. ڀارت طرفان روهت شرما 127 رنز جي شاندار اننگز کيڏي، پجارا 61، ٺاڪر 60 ۽ پينٽ 50 رنز ٺاهيون. جواب ۾ پوري انگلش ٽيم 210 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڀارت چوٿين ٽيسٽ ۾ 157 رنز تان ڪاميابي حاصل ڪئي. واضح رهي ته ڀارت کي 5 ٽيسٽ ميچز جي سيريز ۾ 1-2 جي برتري حاصل ٿي وئي آهي. پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 10 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔