اداڪارا صبا قمر ۽ گلوڪار بلال سعيد جا گرفتاري وارنٽ جاري

لاھور : اداڪارا صبا قمر ۽ گلوڪار بلال سعيد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آھن.
لاھور جي جڊيشل مئجسٽريٽ اداڪارا صبا قمر ۽ گلوڪار بلال سعيد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آھن.
جڊيشل مئجستريٽ ٻنھي فنڪارن جي مسلسل غيرحاضر ھجڻ تي وارنٽ جاري ڪيا آھن، اداڪار صبا قمر ۽ گلوڪار بلال سعيد تي مسجد ۾ وڊيو شوٽ ڪرڻ جي الزام ۾ ڪيس بابت ٻڌڻي ھلندڙ آھي.
ياد رھي تھ گذريل ڏينھن ۾ اداڪار صبا قمر ۽ اداڪار بلال سعيد جي البم جي ھڪ گاني جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ھئي، جنھن ۾ ٻئي فنڪار لاھور جي مسجد وزير خان ۾ موجود ھئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔