طالبان جي ڪابينه ۾ ڪير ڪهڙي عهدي تي مقرر؟ سمورا تفصيل سامهون اچي ويا

ڪابل: افغانستان ۾ طالبان نگران حڪومت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تحت ملا محمد حسن اخوند نگران وزيراعظم هوندو.گذريل ڏينهن طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ نگران حڪومت لاءِ ڪابينه جي ميمبرن جو اعلان ڪيو. ذبيح الله مجاهد ٻڌايو ته ملا محمد حسن اخوند افغانستان جو نگران وزيراعظم هوندو. جڏهن ته ملا عبدالغني برادر ۽ مولوي عبدالسلام حنفي نائب وزيراعظم هوندا.اڄ قطر ۾ طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان محمد نعيم ڪابينه جي ميمبرن جي مڪمل فهرست جاري ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته افغانستان مان جنگ جا سمورا سبب ختم ٿي چڪا آهن ۽ عوام پهريون ڀيرو جامع سلامتي ۽ امن امان جو مزو ماڻي سگهن ٿا. مضبوط اسلامي نظام جي قيام جي بنياد رکي وئي آهي.هن چيو ته جن وزارتن، کاتن ۽ ادارن جي سربراهن جو اعلان ناهي ڪيو ويو ان بابت صلاح مشورا جاري آهن ۽ جلد ان جو به اعلان ڪيو ويندو. محمد نعيم جي جاري ڪيل فهرست ۾ ڪابينه جي ميمبرن جو انگ 33 ٻڌايو ويو آهي جنهن ۾ هيٺ مٿانهين ۽ اضافو به ٿي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔