سعودي عرب پاران متحده عرب امارات سميت ٽن ملڪن مٿان سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان

رياض: سعودي عرب متحده عرب امارات سميت ڏکڻ آفريقا ۽ ارجنٽائن مٿان سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.گهرو وزارت گذريل ڏينهن اعلان ڪيو هو ته متحده عرب امارات، ڏکڻ آفريقا ۽ ارجنٽائن مٿان سفري پابنديون 8 آگسٽ اربع جي صبح ختم ڪيون وينديون. سفري پابنديون ختم ٿيڻ کان پوءِ ماڻهن کي ان ملڪن کان ايئرپورٽس، ساموندي ۽ زميني سرحدن جي ذريعي اربع جي صبح 11 وڳي کان سفر ڪرڻ جي اجازت هوندي. ان کان علاوه سعودي عرب ۾ رهندڙ ماڻهن کي به ان ملڪن ۾ سفر ڪرڻ جي اجازت هوندي.عرب ميڊيا موجب سفري پابنديون ختم ڪرڻ سبب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي خلاف قدمن ۾ نرمي ڪرڻ آهي ۽ هاڻ ريڊ لسٽ ۾ شامل ان 3 ملڪن مان به ويڪسين ٿيل ماڻهن کي سعودي عرب واپس اچڻ جي اجازت هوندي.ياد رهي ته ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ سبب سعودي عرب 4 جولاءِ تي متحده عرب امارات مٿان سفري پابندي لڳائي هئي ۽ هاڻ 8 آگسٽ کان متحده عرب امارات سميت ڏکڻ آفريقا ۽ ارجنٽائن مٿان سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔