ڪو ويڪس پروگرام تحت فائزر ويڪسين جون 37 لک خوراڪون پاڪستان پهچي ويون

اسلام آباد: ڪو ويڪس پروگرام تحت فائزر ويڪسين جون 37 لک خوراڪون پاڪستان پهچي ويون آهن.
آمريڪا پاڪستان کي فائزر جون وڌيڪ 37 لک خوراڪون عطيو ڪيون آهن، جنهن کانپوءِ آمريڪا پاڪستان کي ٻاهرين ملڪن ۾ تسليم ٿيل ويڪسين عطيو ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو.
آمريڪي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر اينجلا پي ايگلر چيو آهي ته پاڪستان کي ڪوويڪسين فراهم ڪرڻ تي خوشي ٿي رهي آهي، ويڪسين لڳرائي توهان پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي پيارن کي بچائي سگهو ٿا.
هن چيو ته مونکي ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته آمريڪا پاڪستان جي عوام لاءِ 37 لک فائزر جون خوراڪون عطيو ڪيون آهن، ويڪسين جون اهي خوراڪون آمريڪا طرفان عطيو ڪيل موڊرنا ويڪسين جون 55 لک خوراڪون الڳ آهن، هن وقت تائين آمريڪا طرفان 90 لک کان مٿي ويڪسين جون خوراڪون پاڪستان کي عطيو ڪيون ويون آهن.
آمريڪي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر چيو ته هاڻوڪي صورتحال ۾ ڪورونا جي خاتمي لاءِ پهريون کان وڌيڪ هنگامي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، موذي وبائن کان پاڪ ۽ محفوظ دنيا جي تعمير لاءِ گڏجي ڪوششون ڪندا رهنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته اسان چئي چڪا آهيون ته ڪورونا جي عالمي وبا سان ڪير به اڪيلي سر منهن نٿو ڏئي سگهي، اسان کي پنهنجون ڪوششن، مهارتن ۽ وسيلن کي هڪ جاءِ تي ڪرڻو پوندو، تباهه ڪندڙ ڪورونا وبا کان بچڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان سان گڏ آهي.
واضح رهي ته ڪوويڪس ڪورونا ويڪسين کي سڄي دنيا ۾ وچولي ۽ گهٽ آمدني واري ملڪن ۾ منصفاڻي ورڇ لاءِ صحت جو عالمي اداري ۽ ٻيا ادارن جو پروگرام آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔