حامد ڪرزئي ۽ عبدالله عبدالله کي طالبان گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو

ڪابل: اڳوڻي افغان صدر حامد ڪرزئي ۽ عبدالله عبدالله کي طالبان گهر ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو آهي. روسي خبرون ڏيندڙ ايجنسي ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته مذڪوره معاملي تي طالبان جي موقف جو انتظار ڪيو پيو وڃي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن خبر آئي هئي ته افغانستان ۾ سياسي معاملا هلائڻ لاءِ 12 رڪني ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ حامد ڪرزئي ۽ عبدالله عبدالله به شامل آهن. ڪائونسل جي ٻين ممبرن ۾ ملا عبدالغني برادر، ملا محمد يعقوب، خليل الرحمان حقاني ۽ گلبدين حڪمت يار شامل آهن. حامد ڪرزئي ۽ عبدالله عبدالله افغانستان نه ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو.ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته گلبدين حڪمت يار جي تعاون سان ڳالهيون جاري رکنداسين ۽ ملڪ ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. افغانستان جي اعليٰ قومي مصالحي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله عبدالله به چيو هو ته هو نئين حڪومت لاءِ طالبان سان ڳالهين ۾ مصروف آهي.ڊاڪٽر عبدالله عبدالله ۽ اڳوڻو افغان صدر حامد ڪرزئي وادي پنجشير به ويا هئا جتي هنن احمد شاهه مسعود جي پٽ ۽ پنجشير جي قبائلي اڳواڻن سان به ملاقات ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔