احسان ماني پي سي بي چيئرمين جو عهدو ڇڏي ڏنو

لاهور: احسان ماني پي سي بي چيئرمين جو عهدو ڇڏي ڏنو آهي. نجي چينلز سان ڳالهيون ڪندي احسان ماني ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته مون بطور پي سي بي چيئرمين وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان رميز راجا کي احسان ماني جي جڳهه نئون پي سي بي چيئرمين لڳائڻ جو امڪان آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين چيئرمين جو باضابطه اعلان وزيراعظم هائوس مان ٿيندو. رميز راجا ۽ اسد علي خان کي پي سي بي بورڊ آف گورنرز ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم سان ملاقات ۾ رميز راجا پنهنجي پلان کان عمران خان کي آگاهه ڪيو هو. ياد رهي ته احسان ماني جي عهدي جو مدو 24 آگسٽ تي پورو ٿي ويو آهي. جنهن کان پوءِ پيٽرن کي وزيراعظم طرفان گورننگ بورڊ جي لاءِ وڌيڪ 2 ميمبرن جي نامزدگي ڪرڻي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔