والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ، 5 ڄڻا شهيد

سري نگر: پاڪستان ڀارتي فوج طرفان والاريل جمون ۽ ڪشمير ۾ ڪاررواين دوران قانون کان مٿانهين وڌيڪ 5 ڪشميرين جي قتل عام تي مذمت ڪئي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان والاريل ڪشمير جي ضلعن بارا مولا ۽ سري نگر ۾ گذريل ٽن ڏينهن ۾ 5 نوجوانن جي مٿانهين قتل جي مذمت ڪئي آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جي قابض فوج نام نهاد گهيراءَ ۽ ڳولا جي بهاني ڪشميرين جي قانون کان مٿانهين قتلن ۾ تيزي آندي آهي ۽ رڳو هلندڙ سال 100 کان مٿي ڪشميري ماريا ويا آهن.
پرڏيهي آفيس ٻڌايو ته انتهائي ڳڻتي جوڳو مسئلو آهي ته والاريل جمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي راڄ، قانون کان مٿانهان قتل، گرفتاري دوران تشدد، جبري گمشدگيون ۽ سينيئر اڳواڻن کي قيد ۾ رکڻ جاري آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته معصوم ڪشميرين خلاف ظلم ڀارت رڳو پنهنجو خوف پورو ڪرڻ لاءِ ڪري رهي آهي جيڪو هو ڪشميرين کي جبر ذريعي آزادي جو مطالبي کان دستبردار ڪرڻ ۾ ناڪامي سان پيدا ٿيو آهي.
والاريل ڪشمير ۾ حريت پسند ڀارتي حڪومت خلاف 1989 کان وڙهي رهيا آهن، ڪيترائي ڪشميري خطي جي يا ته پاڪستان سان گڏجڻ يا آزاد ملڪ بڻائڻ جي حق ۾ انهن جي حمايت ڪندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔