يوٽيوب جي ڪورونا تي ٻڌل مواد خلاف وڏي ڪارروائي

ڪورونا وائرس اچڻ وقت سڄي دنيا ۾ خوف واري صورتحال ڇانئجي وئي هئي.
عوام الناس هر وقت وائرس بابت ڄاڻ رکندڙ ماڻهو جي انتظار ۾ رهندا هئا ته ڪير ڪٿان ٿو اچي ۽ ڪورونا وائرس بابت ڪهڙيون حقيقتون ٻڌائي ٿو.
شروعاتي ڏينهن ۾ ماڻهن خوف وچان گهرن مان ٻاهر نڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو هو، هٿ نه ملائڻ، ڀاڪر نه پائڻ ۽ سماجي وٿي تي عمل ڪرڻ جي حوالي سان مختلف تحقيقن ۽ مشورن تي عمل پيرا ٿيڻ لاءِ پيا مختلف جاين تان ڄاڻ حاصل ڪندا هئا.
جيتوڻيڪ اهو خوف هاڻي مڪمل طور ختم ناهي ٿيو ۽ نه ئي وري ڪو ماڻهن ان کان بچاءَ لاءِاپاءَ ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن پر پهرين جي ڀيٽ ۾ هاڻي سڀني کي خبر پئجي چڪي آهي ته وائرس کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.
تنهن هوندي به ڪورونا وائرس جي مختلف قسمن، ان جي مختلف لهرن کان باخبر رهڻ ماڻهن لاءِ ضروري آهي جيڪي اها ڄاڻ مختلف پليٽ فارمز تان حاصل ڪري رهيا آهن.
ان حوالي سان يوٽيوب تي ڪورونا وائرس بابت لکين وڊيو اپلوڊ ڪيون ويون جن مان ڪيتريون ئي گمراهه ڪندڙ ۽ ڪوڙ تي ٻڌل هيون.
يوٽيوب انتظاميا هاڻي ڪووڊ 19 بابت گهڻي خطرناڪ گمراهه ڪندڙ مواد تي ٻڌل 10 لک وڊيوز کي ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي.
يوٽيوب جي چيف پراڊڪٽ آفيسر نيل موهن اهي انگ اکر هڪ بلاگ ۾ شيئرڪندي ٻڌايو ته فيبروري 2020 کان هاڻي تائين 10 لک وڊيوز ڊليٽ ڪيون ويون آهن.
هن چيو ته جعلي ۽ گمراهه ڪندڙ مواد هاڻي معمولي سطح کان مين اسٽريم تائين پهچي چڪو آهي ۽ ان جو دائرو معاشري جي هر پهلو تائين ڦهلجي چڪو آهي جيڪو جهنگ ۾ باهه جيان برادرين ۾ ڦهلبو آهي.
ان سان گڏ انتظاميا جو اهو به چوڻ آهي ته گمراهه ڪندڙ مواد جا اڪائونٽ ان پليٽ فارم جي گڏيل مواد جو ننڍو حصو آهن.
هن چيو ته يوٽيون طرفان هر ڇهين مهيني ۾ پاليسين جي خلاف ورزي تي لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ وڊيوز کي پليٽ فارم تان هٽايو ويندو آهي جن مان گهڻين تي 10 ويوز به ناهن هوندا.
ياد رهي ته فيس بوڪ طرفان به تازو اهو ئي موقف اپنايو ويو هو.
نيل موهن موجب گمراهه ڪندڙ مواد کي هٽائڻ ڪمپني جي حڪمت عملي جو هڪ حصو آهي.
سندس چوڻ هو ته يوٽيوب طرفان اعتبار جوڳن ذريعن وٽان تفصيل فراهم ڪرڻ واري عمل کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ اهڙي حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي جنهن سان خطرناڪ مواد جي ڦهلجڻ کي گهٽائي سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔