واٽس ايپ استعمال ڪندڙن جي وڏي ڏکيائي حل ٿي وئي

سڄي دنيا ۾ پيغام پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ دنيا جي مشهور ايپليڪيشن واٽس ايپ استعمال ڪندڙن جي وڏي ڏکيائي حل ٿي وئي.
واٽس ايپ ڊيسڪ ٽاپ ورجن واٽس ايپ استعمال ڪندڙن جو اهم ٽول بڻجي چڪو آهي، خاص ڪري ڪورونا کان پوءِ گھر کان ڪم ڪرڻ سبب ان کي وڌيڪ اهميت حاصل ٿي آهي.
واٽس ايپ ويب جي اڪيلي وڏي خامي اها ته سمارٽ فون جيان اوهان ان ۾ مڪمل چيٽ جو اسڪرين شاٽ ناهيو ڪڍي سگھندا.
ان جو سبب اهو آهي جو ونڊوز 10۾ اسڪرولنگ اسڪرين شاٽ جو فيچر نه آهي پر ان ۾ پريشانيءَ جي ڪا به ڳالهه نه آهي ڇو ته ان جا گھڻا متبادل موجود آهن جن جي ذريعي اوهان چيٽ جو مڪمل اسڪرين شاٽ ڪڍي سگھو ٿا.
طريقو نمبر 1 (مائڪرو سافٽ ايج برائوزر)
مائڪرو سافٽ ايج ۾ فل پيج اسڪرين شاٽ جو فيچر موجود آهي. ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪي بورڊ تي Shift+Ctrl+S دٻايو ۽ واٽس ايپ ويب چيٽ کي اسڪرول ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. مڪمل ٿيڻ کان پوءِ save جي آئڪون تي ڪلڪ ڪيو.
طريقو نمبر 2: (ڪروم برائوزر ايڪسٽينشن)
گوگل ڪروم تي مختلف ٿرڊ پارٽي ايپليڪيشنز موجود آهن جيڪي استعمال ڪندڙن کي ڪروم تي فل پيج اسڪرين شاٽ ڪڍڻ جي اجازت ڏيندا آهن. اوهان رڳو ڪروم ويب اسٽور تي وڃي ڪنهن فل پيج اسڪرين شاٽ ايڪسٽينش جي ڳولا ڪيو. اوهان Go full page, Screenshot tool ۽ screenshot master وغيره جهڙا ايڪسٽينشن به استعمال ڪري سگھو ٿا.
پنهنجي چونڊيل ايڪسٽينشن کي ڪروم ۾ ايڊ ڪرڻ کان پوءِ واٽس ايپ ويب تي وڃي ان چيٽ کوليو جنهن جو اسڪرين شاٽ ڪڍڻو آهي. چيٽ کلڻ کان پوءِ ايڪسٽينشن تي ڪلڪ ڪري اسڪرين شاٽ ڪڍو.
واضح رهي ته گوگل طرفان مائڪرو سافٽ ايج جيان ڪروم جي مستقبل جي اپ ڊيٽس ۾ اسڪرين شاٽ ٽول شامل ڪرڻ جي اميد آهي، جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اوهان کي ڪنهن قسم جي ايڪسٽينشن جي ضرورت نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔