رميز راجا کي پي سي بي چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان رميز راجا جي پي سي بي چيئرمين طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم آفيس رميز راجا کي فون ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيئرمين بڻائڻ جي حوالي سان آگاهي ڏني.
هوڏانهن خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي رميز راجا به اهڙي تصديق ڪئي ۽ چيو ته بورڊ چيئرمين بڻجڻ مون لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي.
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي اعتماد تي سندس ٿورائتو آهيان، مون کي عوام جي سپورٽ ۽ دعائن جي ضرورت آهي.
واضح رهي ته احسان ماني جو پي سي بي چيئرمين طور مدو پورو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عمران خان جي قيادت ۾ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جو حصو رميز راجا ماڊرن ڪرڪيٽ کان چڱيءَ ريت واقف آهي ۽ ڪامينٽريٽر طور به وڏو تجربو رکي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔