ڪرغزستان: صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان جي دوري تي آهي، ٻنهي ملڪن جي صدر جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا قائم آهن. اهڙن لاڳاپن کي نئين بلندين تي کڻي وڃڻ چاهيون ٿا.
پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي صدر وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهين کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهين ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته مهمان نوازي تي ڪرغز هم منصب ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون، ڪرغزستان خوبصورت ملڪ آهي هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.
آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا قائم آهن. امن ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري کي هٿي ڏيڻ جا وڏا موقعا موجود آهن، صنعتي ترقي، سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.
انهي موقعي تي ڪرغز صدر ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪرغزستان پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ اهميت ڏي ٿو. پاڪستان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين کڻي وينداسين. صدر ڪرغزستان ساديرجيا پاروف جو چوڻ هو ته توانائي جي شعبي ۾ تعاون ڪاسا 1000 منصوبي تي موثر عملدرآمد لاءِ پرعزم آهيون. معدنيات، زراعت، ٽيڪسٽائل، حلال انڊسٽري، صحت، آءِ ٽي، سياحت ۾ تعاون وڌائينداسين، نوجوانن ۽ عوام جي وچ ۾ رابطه مضبوط ڪرڻ لاءِ موقعا پيدا ڪنداسين.
انهي کان اڳ صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ باضابطه استقباليه تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ پهچڻ تي ڪرغزستان جي صدر سادير جيا پاروف صدر آصف علي زرداري جي آجيان ڪئي، استقباليه تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جا ترانا وڄايا ويا. صدر آصف علي زرداري کي ڪرغز فوج جي دستي طرفان گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
تبصرے بند ہیں۔