شهيد ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي کي مشهد ۾ امام علي رضا جي روضي جي اڱڻ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

مشهد:  تهران کان قُم ۽ پوءِ عراق جي شهرن نجف ۽ ڪربلا ۾ زيارت کان پوءِ شهيد آيت الله خامنائي کي ٻيهر ايران جي شهر مشهد آندو ويو جتي انهي جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ انهي جي تدفين روضه حضرت امام رضا جي اڱڻ ۾ ڪئي وئي.

ايراني  ميڊيا موجب شهيد آيت الله علي خامنائي جي جنازي نماز مشهد ۾ امام رضا  جي روضي جي اڱڻ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ لکين سوڳوارن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي محبوب اڳواڻ جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي.

آيت الله خامنائي جي جنازي نماز جي امامت انهي جي وڏي پٽ مصطفيٰ خامنائي ڪئي جڏهن ته ٻيا ڀائر به پهرين صف ۾ موجود هئا، پر موجوده سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي شريڪ نه ٿيو هو. انهي کان اڳ ايراني سرڪاري ٽيلي وزن اعلان ڪيو هو ته مشهد ۾ علي خامنائي جي جنازي نماز آيت الله حسين نوري همداني پڙهائيندو پر اڄ نوري همداني جي غير موجودگي جو ڪوبه  سبب ناهي ٻڌايو ويو.

جنازي نماز کان پوءِ سوڳوارن آلين اکين سان شهيد سپريم ليڊر جي مڙهه کي احترام ۽ اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. فضا درود سلام سان گونجندي رهي. سينه زني ۽ آهه پڪار جا منظر به ڏسڻ لاءِ مليا. انهي موقعي تي لکين ماڻهو موجود هئا جن کي ڳاڙها ۽ ڪارا جهنڊا  کنيل هئا آمريڪا ۽ صدر ٽرمپ کان بدلو وٺڻ جا نعرا به لڳايا ويا جڏهن ته اسرائيل، آمريڪا مرده باد جا به زوردار نعرا لڳايا ويا.

ياد رهي ته شهيد خامنائي کي 28 فيبروري تي آمريڪي، اسرائيلي حملي ۾ شهيد ڪيو ويو هو جڏهن ته تدفين جي شروعات جنگبندي کان پوءِ 3 جولاءِ کان شروع ٿي هئي جنهن کان پوءِ اڄ تدفين ڪئي وئي.

آيت الله علي خامنائي پنهنجي وصيت جي طور تي امام رضا جي اڱڻ جي چونڊ ڪئي هئي جنهن  جي ڪري انهي جي وصيت ۽ وارثن جي تجويز تي شهيد سپريم ليڊر کي مشهد ۾ امام رضا جي مزار جي  اڱڻ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

تبصرے بند ہیں۔