لاهور: پنجاب ۾ ڊيجيٽل ادائيگين تي ٽيڪس ڪٽوتي جو نئون نظام لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن جي تحت اي پيمنٽ يا ڪارڊ جي ذريعي ڪٽجندڙ ٽيڪس هاڻ سڌو سنئون حڪومت ڏانهن منتقل ٿيندو.
پنجاب روينيو اٿارٽي(پي آر اي) جي ترجمان موجب اهڙي قدم جو مقصد ٽيڪس جي شفاف وصولي کي يقيني بنائڻ ۽ ادائيگين جي نظام کي وڌيڪ بهتر بنائڻ آهي.
ترجمان موجب بيوٽي پارلرز، سلونز، فيشن ڊيزائنرز، ڪاسميٽڪ سرجري، پلاسٽڪ سرجري، اسڪن ٽريٽمنٽ ۽ ليزر ٽرٽمينٽ مرڪز جي سروسز تي ٽيڪس جي شرح صرف 5 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح ايونٽ مينجمينٽ، ٽور آپريٽرز، جمنازيم ۽ لانڊري سروسز تي 8 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو.
پي آر اي موجب هوٽل ۽ ريسٽورنٽ سيڪٽر ۾ ڪيش ادائيگي تي سروسز جي لاءِ 16 سيڪڙو ٽيڪس ڪٽوتي ٿيندي، جڏهن ته ڪريڊٽ ڪارڊ يا ٻين ڊيجيٽل ذريعن کان ادائيگي ڪرڻ تي ٽيڪس جي شرح 8 سيڪڙو هوندي. اهڙي طرح سان هوٽلن ۽ ريسٽورنٽس جي شعبي ۾ ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ ڊيجيٽل ادائيگي جي ذريعي ٽيڪس جي ادائيگي تي 50 سيڪڙو گهٽ ٽيڪس ڏيڻو پوندو.
پنجاب جي روينيو اٿارٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عوام جي ادا ڪيل ٽيڪسز سان ئي حڪومت جي فلاحي ۽ ترقياتي منصوبن جي وقت تي تڪميل ممڪن ٿيندي آهي. شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ٽيڪس جي محفوظ منتقلي جي لاءِ ڊيجيٽل ادائيگين کي اوليت ڏين ۽ هر خريداري يا سروس جي بدلي لازمي طور تي پڪس رسيد طلب ڪن.
تبصرے بند ہیں۔