حڪومت ٽن سالن جي ڪارڪردگي عوام آڏو فخر سان رکي سگهي ٿي: فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت 3 سالن جي ڪارڪردگي عوام جي آڏو فخر سان رکي سگهي ٿي.

سرڪاري ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف 3 سالن دوران خودداري، ترقي ۽ بهتري جي لاءِ ڪم ڪيو، ڪورونا صورتحال ۾ اسان معيشت جي ترقي لاءِ سٺا فيصلا ڪيا. اسان جي پرڏيهي پاليسي جي بنياد خودمختاري ۽ خودداري آهي. اسان ملڪي ۽ عالمي معاملن ۾ مختلف ملڪن کي مفاهمت جي آڇ ڪئي.

ان کان اڳ پنهنجي ٽوئٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي حڪومتون پنهنجي ڪارڪردگي تي عوام آڏو جوابده هونديون آهن. هي عمران خان جي حڪومت آهي جيڪا ٽن سالن جي ڪارڪردگي عوام جي سامهون فخر سان رکي سگهي ٿي.

فواد چوڌري چيو ته 30 سالن کان حڪومت ڪندڙ پنهنجو منهن لڪائي رهيا آهن. معيشت، پرڏيهي پاليسي ۽ اندروني استحڪام جا 3 سال اڄ حقيقتن سان گڏ سامهون آڻينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔