چمن رستي وڏي انگ ۾ افغان پناهگيرن جي آمد جو سلسلو جاري، حڪومت ڪا ڪيمپ نه لڳائي

ڪوئيٽا: چمن بارڊر وسيلي وڏي انگ ۾ افغان پناهگيرن جي پاڪستان آمد جاري آهي. پرڏيهي خابرو اداري بي بي سي جي رپورٽ موجب چمن بارڊر تي، پناهگيرن جا ٽولا ، جن ۾ عورتون، ٻار ۽ مريض شامل آھن ، چمن جي ذريعي پاڪستان اچي رھيا آھن ۽ مختلف شھرن ڏانھن سفر ڪري رھيا آھن ڇاڪاڻ ته ته ھن وقت سرحد تي انھن لاءِ ڪا به ڪيمپ يا انتظام ناھن. واضح رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحدي علائقي جو سڀ کان ڊگهو حصو بلوچستان ۾ آهي.

ھن سرحد تي بلوچستان جا جيڪي ضلعا آهن تن ۾ زوب ، قلعه سيف الله ، پشين ، قلعه عبدالله ، چمن ، نوشڪي ۽ چاغي شامل آھن.
چمن جي سرحد سان لڳندڙ افغان علائقي اسپن بولدڪ تي طالبان جي قبضي بعد 2 ڀيرا ماڻحن ۽ گاڏين جي اچ وڃ بند ٿي هئي، پر 12 آگسٽ کان آمدرفت جو سلسلو ٻيهر شروع ٿيو آهي.

ڪابل ، قنڌار ۽ غزني سميت افغانستان جي مختلف حصن مان آيل پناهگيرن جو چوڻ آهي ته انهن جي علائقن ۾ صورتحال اڃان تائين پرامن آهي ۽ اتي ڪا به ويڙهه ناهي ، پر اتي تمام گهڻو خوف ۽ غير يقيني صورتحال آهي. خبر ناهي ته طالبان جي پاليسي ڇا هوندي؟ ڪجھ ماڻھو خراب معاشي صورتحال سبب به پاڪستان اچي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته افعانستان ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔