ڪورونا وبا وڌيڪ85مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 4500کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ڪورونا جي چوٿين لهر ملڪ ۾ وڌيڪ 85 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 25 هزار 320 ٿي ويو آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 11 لک 40 هزار 411 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 553 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ 3 لک 85 هزار 258، سنڌ ۾ 4 لک 25 هزار 570، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 58 هزار 964، بلوچستان ۾ 32 هزار 14، گلگت بلتستان ۾ 9 هزار 769، اسلام آباد ۾ 97 هزار 542، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 31 هزار 294 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 74 لک 59 هزار 249 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 61 هزار 456 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 10 لک 22 هزار 847 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 5 هزار 476 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 85 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 25 هزار 320 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 11 هزار 666، سنڌ ۾ 6 هزار 742، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 859،. اسلام آباد ۾ 856، بلوچستان ۾ 338، گلگت بلتستان ۾ 171 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 688 مريض فوت ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔