ڪوئٽا ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 7 دهشتگرد مارجي ويا،3 فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب

ڪوئٽه: ڪوئٽه ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 3 دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب اهلڪارن ڳجهي اطلاع تي ڪوهار ڊيم لورالائي ۾ دهشتگردن جي موجودگي تي هڪ ڪمپائونڊ تي ڇاپو هنيو ويو.  ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا. جڏهن ته سندن 3 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

مارجي ويل دهشتگردن جي ڪمپائونڊ مان هٿيار پڻ هٿ آيا آهن. ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان هو. جن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔