ماهرن ڪورونا ويڪسين جي ٻن ۽ ٽن خوراڪن ۾ فرق ٻڌائي ڇڏيو

ڪورونا وائرس جي ٻن ۽ ٽن خوراڪن ۾ فرق جي حوالي سان نئين تحقيق سامهون اچي وئي.
دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا حملا جاري آهن ۽ ان کان بچڻ لاءِ ماڻهو ويڪسين تي زور ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته سنگل ڊوز، ڊبل ڊوز کانپوءِ بوسٽر ڊوز جي حوالي سان ماهر تحقيق ۾ مصروف آهن.
اسرائيلي سائنسدانن هڪ تحقيقي رپورٽ ۾ چيو آهي ته فائزر بيون ٽيڪ ويڪسين جي ٽين خوراڪ جي نتيجي ۾ 60 ورهين يا ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن ۾ ڪورونا انفيڪشن ۽ سنجيده بيماري جي خطرن ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي ڏٺي وئي.
اها تحقيقي رپورٽ آچر ڏينهن اسرائيل جي صحت واري وزارت طرفان شايع ڪئي وئي آهي.
وزارتي انگ اکر ويب سائيٽ تي به جاري ڪيا ويا آهن، جن ۾ ويڪسين جون ٻه ۽ ٽي خوراڪون هڻائيندڙ ماڻهن تي ڪورونا وائرس جي حملي بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي.
رپورٽ موجب ان ويڪسين جي ٽين خوراڪ جي 10 ڏينهن کانپوءِ وائرس کان تحفظ لاءِ ٻن خوراڪن جي ڀيٽ ۾ چنئوڻ تي واڌ ڏٺي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔