پاڪستان کي ڪورونا جي مَد ۾ 2 ارب 77 ڪروڙ ڊالر وصول

واشنگٽن: عالمي مالياتي فنڊ طرفان پاڪستان کي 2 ارب 77 ڪروڙ ڊالر ملي ويا آهن.
آءِ ايم ايف جي پڌرائي موجب اڄ تاريخي ڏينهن آهي ۽ ميمبر ملڪن 650 ارب ڊالر وصول ڪيا آهن.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ان رقم جي منتقل ٿيڻ سان عالمي معيشت ۾ اعتماد ۽ استحڪام پيدا ٿيندو ۽ عالمي معيشت ٻيهر اڀرندي.
پڌرائي موجب ميمبر ملڪ ان رقم کي بنا ڪنهن شرطن جي استعمال ڪري سگهن ٿا تنهن هوندي به قرض وٺندڙ ملڪن تي آهي ته اهي ان رقم کي ڪهڙي ريت استعمال ڪندا.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ميمبر ملڪن کي منتقل ڪيل رقم زرمبادلي جا ذخيرا وڌائڻ يا قرض ادائيگين لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي.
اها رقم آءِ ايم ايف ڪورونا سان منهن ڏيڻ لاءِ ميمبر ملڪن کي جاري ڪئي آهي جنهن جي منظوري آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏني هئي.
آءِ ايف ايم جي ذريعن موجب پاڪستان کي 2 ارب 77 ڪروڙ ڊالر منتقل ڪيا ويا آهن.
خزاني واري وزارت موجب ان رقم جي منتقل ٿيڻ سان پاڪستان جا غير ملڪي زرمبادلي وارا ذخيرا تاريخ جي بلند سطح تي پهچي ويندا.
ذريعن ٻڌايو ته ان قرض سان ڪا به شرط ناهي رکي وئي ۽ وياج واري شرح به تمام گهٽ آهي، هن وقت ان جي واپسي جو وقت به مقرر ناهي ڪيو ويو جڏهن ته اهو قرض آءِ ايم ايف طرفان ڏنل پروگرام جو حصو به ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔