پاڪ افغان ڪرڪيٽ سيريز پاڪستان ۾ ٿيڻ جو امڪان

لاهور : پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ايندڙ مهيني شيڊيول ون ڊي سيريز سريلنڪا بدران پاڪستان ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.
افغان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان خلاف پنهنجي هوم سيريز پاڪستان ۾ ئي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اعليٰ سطح تي معاملا طئي ٿيڻ کانپوءِ سيريز جي شيڊيول ۽ وينيو جو باقاعدي طور اعلان ڪيو ويندو.
واضح رهي ته سيريز پاڪستان ۾ ٿيڻ جي حوالي سان پي سي بي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي.
افغانستان کي پاڪستان خلاف 3 ون ڊي ميچن جي سيريز جي ميزباني ڪرڻي آهي، اها سيريز سريلنڪا ۾ پلان هئي پر لاجسٽڪ ۽ ٻين مسئلن سبب سيريز جي حوالي سان خدشا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔