طالبان جي آمريڪا کي وڏي ڌمڪي

آمريڪا طرفان افغانستان مان پرڏيهي فوجون ڪڍڻ جي عمل ۾ امڪاني واڌ تي طالبان جو سخت ردعمل اچي ويو.
واضح رهي ته برطانيا چيو آهي آمريڪي صدر کان افغانستان مان نڪرڻ جي حتمي تاريخ ۾ واڌ جو مطالبو ڪنداسين.
ان حوالي سان طالبان ترجمان سهيل شاهين چيو آهي ته افغانستان مان پرڏيهي فوجون نڪرڻ جي تاريخ وڌائڻ سان بي اعتمادي پيدا ٿيندي، پرڏيهي فوجن جي نڪرڻ ۾ دير جو مطلب افغانستان تي قبضي ۾ واڌ هوندو.
هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا افغانستان مان فوجي ڪڍڻ جي تاريخ 31 آگسٽ جي ڊيڊ لائن وڌائي ته اسان جي طرفان ردعمل سامهون ايندو، افغانستان مان نڪرڻ جو سبب افغان شهرين جي زندگي کي خطرو ناهي پر اهي غربت جي ڪري اڪنامڪ مائيگريشن ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔