ٽڪ ٽاڪ مٿان پابندي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران معاملو ڪابينه ۾ اٿارڻ جي هدايت

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊپٽي اٽارني جنرل کي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو معاملو وفاقي ڪابينه جي سامهون اٿارڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي دوران پڇاڻو ڪيو ته ٽڪ ٽاڪ هن وقت سموري ملڪ ۾ کليل آهي يا بند؟ ڇا وفاقي حڪومت يا وفاقي ڪابينا ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو حڪم ڏنو آهي؟ جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته پاليسي جي حوالي سان اجلاس ٿيو پر اهڙو ڪوبه فيصلو نه ٿيو پي ٽي اي جي وڪيل چيو ته پراڪسي جي ذريعي 99 سيڪڙو ٽڪ ٽاڪ کليل آهي. جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ڪوبه رولز نه آهي.پي ٽي اي غيرقانوني طور تي پابندي لڳائي آهي. 99 سيڪڙو ماڻهو پراڪسي جي ذريعي ٽڪ ٽاڪ جو استعمال ڪندا آهن ته هڪ سيڪڙو جي لاءِ ڇو پابندي آهي؟چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله چيو ته پي ٽي اي ڇو ملڪ کي دنيا کان ڪٽ ڪرڻ چاهي ٿو.؟ سوشل ميڊيا ايپس تي پابندي ٻاهر جي دنيا ۾ ڇو نه پئي لڳائي وڃي. اتي ته قانون به سخت آهن. پي ٽي اي دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي. پي ٽي اي جي وڪيل چيو ته ٽڪ ٽاڪ کي بند ڪرڻ بابت جواب ڏنو ته اٿارٽي جي مجبوري هئي ته عدالتي فيصلن کي آڏو رکيو وڃي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پنهنجي ڪوتاهي جي لاءِ عدالتن مٿان الزام نه لڳايو. جيڪڏهن ائين ئي هلندو رهيو ته چيئرمين پي ٽي اي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪنداسين. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔