ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪندڙ روسي اداڪارا جو لاش هٿ

ممبئي: ڀارتي فلمن جي 24 سالا اداڪارا ۽ ماڊل اليگزينڊرا جاوي جو لاش هٿ آيو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب روسي حسينا جو لاش ڀارتي رياست گووا ۾ ان جي فليٽ مان مليو سندس لاش باورچي خاني ۾ لٽڪيل هو.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اداڪارا گووا ۾ پنهنجي دوست سان گڏ رهندي هئي ۽ اڄ هن جو دوست گهر پهتو ته دروازو نه کولڻ تي هن پوليس کي گهرايو ۽ ڏٺو ته اداڪارا جو لاش لٽڪيل هو.
رپورٽن موجب روسي حسينا پريشان هئي ۽ ذهني سڪون جي لاءِ دوائون به استعمال ڪندي هئي جڏهن ته ڪجهه رپورٽن ۾ سندس پريشاني جو سبب بواءِ فرينڊ سان دوستي ختم ٿيڻ کي قرار ڏنو ويو.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته روسي ماڊل گرل 2019 ۾ چنئي جي فوٽوگرافر خلاف جنسي هراساني جو ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن تي فوٽو گرافر کي گرفتار ڪيو ويو هو.
پوليس اداڪارا جو موت خودڪشي جي ڪري ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي تنهن باوجود به واقعي جي جاچ ڪئي ويندي.
واضح رهي ته روسي ماڊل گرل ڀارت جي مقامي فلم انڊسٽري (تامل) جي فلم ”ڪنچنا3“ ۾ اداڪاري ڪئي هئي ۽ انکانسواءِ ماڊلنگ به ڪندي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔