واٽس ايپ ۾ نئين سهولت جي واڌ

واٽس ايپ دنيا جي سڀ کان مشهور ميسيجنگ ايپ آهي جنهن ۾مختلف وقتن ۾ تبديلي ٿيندي رهندي آهي.
واٽس ايپ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪئي ويندڙ ايپ آهي پر واهپيدارن کي ملندڙ تصويرون ۽ وڊيو انجي اسٽوريج کي گهڻو جلدي ڀري ڇڏينديون آهن.
جنهن جي ڪري ماڻهن کي ٿوري ٿوري وقت ۾ ريفريش يا ڊيٽا ڊليٽ ڪري پنهنجي اسٽوريج ميموري خالي ڪرڻ پوندي آهي.
پر ان حوالي سان ڪپني هاڻي هڪ انوکو حل ڳولي ورتو آهي ته جيئن فون جي اسٽوريج بچائي سگهجي.
واٽس ايپ جي اپڊيٽس تي نظر رکڻ واري ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب فيس بوڪ جي ملڪيت هيٺ ميسيجنگ ايپ ان مقصد جي لاءِ پنهنجي هڪ فيچر کي اپڊيٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واٽس ايپ گذريل سال نومبر ۾ ڊس اپيئرنگ ميسيجز جو فيچر متعارف ڪرايو هو جنهن ڪري خاص چيٽس ۾ ان ايبل ڪندي ملندڙ پيغامن کي 7 ڏينهن کانپوءِ ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي هئي.
هاڻي واٽس ايپ طرفان اهي پيغام ختم ڪرڻ واري مدي ۾ 90 ڏينهن تائين واڌ ڪئي پئي وڃي ۽ في الحال اهو فيچر اينڊرائيڊ جي بيٽا ورجن ۾ موجود آهي.
جيئن ته 90 ڏينهن کانپوءِ پيغامن کي ڊليٽ ڪرڻ سان پرائيويسي کي تحفظ ته نه ملندو ته ڪمپني طرفان اهو فيچر اسٽورجي فيچر طور استعمال ڪيو ويندو.
مطلب ته جڏهن 90 ڏينهن کانپوءِ جڏهن ميسيج پاڻمرادو طور ڊليٽ ٿي ويندا ته اسٽوريج اسپيس مان به ختم ٿي ويندا ۽ واهپيدارن کي اهو پاڻ مينوئل طور ختم نه ڪرڻو پوندو.
واٽس ايپ طرفان ان فيچر ۾ گڏيل طور 3 آپشنز واهپيدار کي فراهم ڪيا ويندا.
7 ڏينهن ۽ 90 ڏينهن کانسواءِ وڌيڪ هڪ آپشن 24 ڪلاڪن جو هوندو.
24 ڪلاڪن واري آپشن تي ڪمپني طرفان اپريل 2021 کان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻي 90 ڏينهن واري آپشن سان گڏ تمام جلد واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔