شُگر نارمل ڪرڻ سميت ٿولهه گهٽائڻ جو سولو حل

جيڪڏهن توهان جي زندگي جو گهڻو وقت ويهندي يا سمهندي گذري رهيو آهي ته ممڪن آهي ته توهان مختلف وڏي مسئلن جو شڪار بڻجي سگهو ٿا، انساني جسم جو حرڪت ۾ رهڻ صحت جي لاءِ فائديمند هوندو آهي.
يورپي ملڪ سوئيڊن ۾ ٿيل صحت جي حوالي سان هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن توهان آفيس ۾ ڪم ڪندا آهيو ته پنهنجي ڪرسي تان هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ اٿڻ سان بلڊ شگر سميت سموري صحت بهتر رهندي آهي. وڌندڙ عمر سان گڏ بلڊ شگر کي معمول تي ۽ سٺي صحت جي خواهش رکندڙ ماڻهو ان عادت کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائي ڇڏين.
ڪيرولينسڪا انسٽيٽيوٽ جي تحقيق موجب ويهي يا سمهي گذاريل هر هڪ ڪلاڪ ميٽابولزم سينڊروم ۽ زيابطيس ٽائپ ٽو وڌائڻ جا سبب بڻبو آهي، ان جي ڪري هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ اٿڻ عادت بڻائي وڃي.
طبي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هر ٿوري دير کانپوءِ ٿوري پنڌ ڪرڻ انسولين جي حساسيت کي بهتر بڻائڻ ۽ ميٽابولڪ سينڊروم جو خطرو گهٽائيندو آهي.
انسانن ۾ ميٽابولڪ سينڊروم دل جي بيماري، ذيابطيس، فالج ۽ ٻين مسئلن جو خطرو وڌائيندو آهي، هر 30 منٽن کانپوءِ 3 منٽ چهل قدمي ڪرڻ سان بلڊ شگر جي سطح ۾ معمولي بهتري ايندي آهي.
ان مشاهدي ۾ اهو به چيو ويو آهي جيترو وقت ٿوري ٿوري دير ۾ پنڌ ڪيو ويندو اوترو صحت جي لاءِ بهتر آهي، سست عمل واري زندگي کان بچڻ ميٽابولڪ فائدن جو سبب بڻبو آهي، ان تجربي جي لاءِ ماهرن 16 ٿولهه جو شڪار ماڻهن کي پنهنجي تحقيق جو حصو بڻايو، اِهي ماڻهو اُهي هيا جيڪي پنهنجي زندگي جو گهڻو وقت ويهي گذاريندا هئا.
تحقيق دوران انهن ماڻهن کي 3 هفتن تائين هر ڏينهن 10 ڪلاڪ هر 30 منٽن کانپوءِ 3 منٽن تائين پنڌ ڪرڻ يا ڏاڪڻ چڙهڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ پوءِ انهن ماڻهن جي سرگرمين جي فائدن کي انهن ماڻهن سان ماپيو ويو جيڪي اهڙي قسم جو ڪو عمل نه ٿا ڪن، جنهن کانپوءِ مٿي ڄاڻايل نتيجا ڪڍيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔