طالبان بند قونصل خانن جي تلاشي ورتي ۽ گاڏيون ڪاهي ويا: ڀارتي ميڊيا جو الزام

ڪراچي: ڀارتي ميڊيا طالبان تي افغانستان ۾ بند ٻن قونصل خانن جي تلاشي وٺڻ جو الزام مڙهيو آهي.

ڀارتي ميڊيا افغان ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته طالبان جي طرفان قنڌار ۽ هرات ۾ بند ڀارتي قونصل خانن جي تلاشي ورتي وئي جنهن جو مقصد اهم دستاويز هٿ ڪرڻ هو.

ذريعن موجب طالبان ڀارتي قونصل خانن ۾ پارڪ ڪيل گاڏيون به پاڻ سان گڏ ڪاهي ويا، پر نه پيو ٻڌايو وڃي ته طالبان پاڻ سان گڏ دستاويز به کڻي ويا آهن.

ڀارتي ميڊيا هي دعويٰ به ڪئي آهي ته طالبان جي طرفان ڪابل جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کانپوءِ افغان انٽيلي جنس ايجنسي اين ڊي ايس جي لاءِ ڪم ڪرڻ وارن جي تلاشي جي لاءِ گهر گهر چيڪنگ جاري آهي.

واضح رهي ته افغانستان ۾ ڀارتي سفارتخاني کان علاوه مزار شريف، هرات ۽ قنڌار ۾ قونصل خانه به ڪم ڪر رهيا هئا پر ڪابل جو ڪنٽرول طالبان جي هٿن ۾ ايندي ئي ڀارت افغانستان ۾ پنهنجو سفارتي مشن بند ڪري عملي کي واپس گهرايو.

ٻه ڏينهن اڳ طالبان جي طرفان ڀارتي سفارتي عملي کي افغانستان کان نڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي وڊيو به سامهون آئي هئي.

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔