دنيا سان دوستاڻه لاڳاپا چاهيون ٿا، ڪير به مداخلت نه ڪري: طالبان

ڪراچي: افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته سمورن ملڪن سان دوستاڻه لاڳاپا چاهيون ٿا پر ڪنهن به مداخلت ڪئي ته ان جي خلاف اٿي بيهنداسين.

ذبيح الله مجاهد پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته افغان عوام طالبان سان گڏجي ڪم ڪن ۽ گهڻ رخي نظان ٺاهڻ ۾ طالبان جي مدد ڪن.

طالبان ترجمان هڪ ڀيرو وري واضح ڪيو ته طالبان ڪنهن به ملڪ جي خلاف دشمني جا جذبات نٿو رکي ۽ چاهيون ٿا ته ڪوئي به ملڪ اسان جي مامرن ۾ مداخلت نه ڪري.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن به ذبيح الله مجاهد پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته افغانين ٽن صدين ۾ ٽي عالمي قوتن کي شڪست ڏني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔