ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 70 مريض فوت، 3 هزار 239 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: ملڪ ۾ ڪورونا وبا جا وار جاري، گذريل 24 ڪلاڪن  دوران ڪورونا جا 70 مريض  فوت ٿي ويا، 3 هزار 239 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن.

اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي فوتين جو مجموعي تعداد24 هزار 783 ٿي ويو ۽ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6 ڏهائي 23 سيڪڙو رهي، اين سي او سي موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا وبا جا مجموعي ڪيسز 11 لک 16 هزار 886 تائين پهچي ويو.

هن کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن دورن ملڪ ۾ 3 هزار 27 مريض به ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو تعداد 10 لک 2 هزار 430 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔